رحيم خان کوسو

رحـيـم خـان کوسو: 1833ع ۾ حيدرآباد جي والي، مير مراد علي خان ٽالپر جي وفات کانپوءِ ٽالپرن ۽ شاهه شجاع جي وچ ۾ جنگ ڇڙي وئي. ٽالپرن جو شڪارپور ۾ گورنر سيد ڪاظم علي شاهه هو ۽ سندس فوج جو سپهه سالار خان کوسو'>رحيم خان کوسو هو، جيڪو وڏو بهادر شخص هو. شاهه شجاع شڪارپور ۾ ئي هو ته آغا سيد ڪاظم علي شاهه شڪارپور مان راتورات رحيم خان کوسي جي مدد سان خيرپور اچي نڪتو، بعد ۾ رحيم خان کوسي سندس ڀاءُ آغا سيد محمد تقي شاهه کي به سلامتيءَ سان خيرپور پهچايو. اهڙيءَ ريت خان کوسو'>رحيم خان کوسو ڪيترين جنگين ۾ وڙهيو، پر سندس مڪمل احوال ملي نه سگهيو آهي.


لفظ رحيم خان کوسوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو